حَسان بن ثابت

حَسان بن ثابت: عرب شاعر ۽ اصحابي، بن ثابت'>حَسان بن ثابت ‘الخزرج’ قبيلي مان هو ۽ 563 هه ۾ مديني منوره جي پسگردائيءَ ۾ ولادت ٿي. پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو ۽ اسلامي دور جي مذهبي شاعريءَ جي بانين مان هو. کيس هِجوَ ۾ خاص ڪمال حاصل هو. انهيءَ ڪري ڪافرن جي بدزبانيءَ جو مقابلو ڪاميابيءَ سان ڪندو هو. هيءُ پهريون نعت گو شاعر هو، جنهن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعريف ڪئي ۽ ڪافرن جي مذمت ڪئي. هن اصحابي سڳوري 120 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي.


لفظ حَسان بن ثابتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو